شيخ موسيٰ سيوستاني

شيخ موسيٰ سيوستاني : شيخ موسيٰ ريل باران جو رهاڪو هو، جيڪو سيوهڻ پرڳڻي جو مشهور ڳوٺ ليکيو ويندو هو. روايتن موجب شيخ موسى اصل ۾ يمن جو رهاڪو هو، جتان هجرت ڪري ’ريل باران‘ آيو. اتان وري اڪبر آباد ۾ وڃي علم حاصل ڪيائين ۽ وڏو عالم، فاضل ٿيو. سيوهڻ ۽ لاڙڪاڻي پرڳڻن جي الهندي پاسي جبل تائين جيڪا باراني زمين موجود هئي، جنهن کي دشت باران سڏيندا هئا، اتي گهڻا بزرگ ۽ اولياءَ رهيا، جن جا نشان اڃا ظاهر آهن. انهن مان هڪڙو شيخ موسيٰ به هو، جو 900هه ڌاري ريل ۾ رهندو هو. هن گھڻو وقت گوشه نشينيءَ ۽ ياد خدا ۾ گذاري، سندس هڪ ئي تصنيف ’ڪچڪول‘ نالي سان ملي ٿي، جنهن مان سندس حياتيءَ جو پتو پوي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو